پنجل جو پيغام

پنجل جو پيغام (ڪتاب): هي ڪتاب سگھڙ فقير استاد محمد پنجل شيخ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جنهن کي سندس شاگرد سگھڙ فقير محمد قاسم ڪلوڙ ترتيب ڏنو آهي، هن ڪتاب ۾ محمد پنجل شيخ جي پيش لفظ کان علاوه حاڪم گل مهر، مهر حفيظ عالم ’راهي‘، خان سهاڳ'>احمد خان سهاڳ، محمد اسماعيل بروهي، ساگر محمد حسين مهر ۽ سگھڙ فقير محمد قاسم ڪلوڙ جا تاثر شامل آهن. 156 صفحن تي مشتمل، رنگين ۽ پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 100 رپيا آهي. هي ڪتاب 2007ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ سگھڙ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ انسٽيٽيوٽ ڪراچي طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو